موٽر وي گينگ ريپ جهڙن واقعن تي وزيراعظم گم ٿي ويندو آهي: شهباز شريف

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف چيو آهي ته موٽر وي گينگ ريپ جهڙن واقعن تي وزيراعظم گم ٿي ويندو آهي، هن واقعي کانپوءِ هو گم آهي ۽ هن وقت تائين هڪ لفظ به نه چيو اٿائين.

اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ حڪومت ۽ اپوزيشن ٻنهي جي تجويز تي معمول جي ڪارروائي معطل ڪري لاهور – سيالڪوٽ موٽر وي گينگ ريپ ڪيس تي بحث جو فيصلو ڪيو ويو.

اجلاس ۾ تازين برساتن، ٻوڏ، حادثن ۽ دهشتگردي جي واقعن ۾ فوت ٿيندڙن لاءِ مغفرت جي دعا گهري وئي، جڏهن ته اسد قيصر موٽر وي واقعي تي بحث ڪرائڻ جو فيصلو ڪندي چيو ته اهو واقعو اسان جي نِرڙ تي چُٽو آهي ۽ ان تي سوالن جي وقفي کانپوءِ بحث شروع ڪيو وڃي.

پ پ اڳواڻ نويد قمبر چيو اسان به اهو ئي چاهيون ٿا ته ٻي ڪارروائي معطل ڪري لاهور واقعي تي ڳالهايو وڃي.

شهباز شريف

اجلاس ۾ تقرير ڪندي مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف چيو ته موٽر وي واقعي تي هر اک آلي ٿي، سڀني جا ڪنڌ شرما وچان جُهڪي ويا، شڪر ٿا ڪيون ته اڄ جوابدار گرفتار ٿي ويو.

هن چيو ته موٽر وي واقعي تي سي سي پي او جو بيان لڄائيندڙ آهي، بدنام پوليس آفيسر کي سي سي پي او لڳايو ويو ۽ تصويرون ٺهرايون ويون، پوليس آفيسر جي بيان سان سڄي قوم جون دليون زخمي ٿيون، ڪو به باشعور شخص اهڙي سوچ نٿو رکي سگهي، ادارن جي رپورٽ چئي رهي هئي ته اهو پوليس آفيسر ڪرپٽ آهي، هٺ جو مظاهرو ڪندي ان کي سي سي پي او مقرر ڪيو ويو.

سندس چوڻ هو ته زينب واقعي کي پي ٽي آءِ سياسي رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، زينب ڪيس ۾ ذميوار اپوزيشن جو ڪردار ادا نه ڪيو ويو، اسان جي حڪومت 13 سئو ماڻهن جون ڊي اين اي ٽيسٽون ڪيون هيون.

ن ليگ صدر چيو ته ڊولفن پوليس فورس ۽ فرانزڪ ليب نواز شريف جي دور ۾ ٺهي، اها دنيا جي ٻي سڀ کان وڏي ليب آهي، نواز شريف جي دور ۾ پوليس ۾ سڌارا آندا ويا، پنجاب پوليس ۾ آفيسرن جون مقرريون 95 سيڪڙو ميرٽ تي ٿيون هيون.

شهباز شريف چيو ته وزيراعظم کي ڪا پرواهه ناهي، زينب واقعي تي هو رڙيون ڪري سياسي پوائنٽ اسڪورنگ ڪري رهيو هو، هن واقعي تي مڪمل طور گم ۽ چُپ آهي، هن هڪ لفظ ناهي چيو ۽ وزيراعظم جي عادت بڻجي چڪي آهي ته جڏهن قوم پاڻ کي غير محفوظ سمجهندي آهي ۽ وزيراعظم کي ڳوليندي آهي ته هو اوچتو گم ٿي ويندو آهي ۽ چُپ رهندو آهي.

هن مطالبو ڪيو ته ڪميٽي جوڙي وڃي ته موٽر وي تي مقرري ۾ دير جو ڪارڻ ڪهڙو هو، واقعي جي انڪوائري ڪئي وڃي ۽ اهڙن واقعن جو تدارڪ ڪرڻو آهي ته انصاف ۽ ميرٽ جا تقاضا پورا ڪرڻا پوندا.

مراد سعيد

مواصلات واري وفاقي وزير مراد سعيد تقرير ڪندي چيو ته افسوسناڪ واقعي تي سڄي قوم ڏُکاري آهي پر اسان وٽ ان ڳالهه تي بحث نه پيو ٿئي ته جوابدارن کي عبرت جو نشان بڻايو وڃي، نظام ۾ خامين تي ڳالهه نه پئي ٿئي ۽ اسان وٽ ٻن قسمن جو بحث شروع ڪيو ويو آهي، هڪ سانحي تي مراد سعيد استعيفيٰ ڏئي ۽ ٻيو ليبارٽري ڪنهن ٺاهي هئي ۽ ڊي اين اي جو ڪريڊٽ ڪنهن کي ٿو وڃي.

سندس موجب گهڙي گهڙي چيو پيو وڃي ته موٽر وي تي واقعو ٿيو، جيتوڻيڪ اهو واقعو موٽر وي تي ناهي ٿيو پر ان جي اهميت ناهي ته واقعو ڪٿي ٿيو، هن معاشري ۽ ايوان جو حصو هجڻ جي ڪري مان ذميوار آهيان.

هن چيو ته مرد هجڻ جي حيثيت سان مان ان واقعي جو ذميوار آهيان، ڇو ته اهڙي درندگي مرد ئي ڪندو آهي ۽ پوءِ به ان تي آڱر ناهي کڄندي.

مراد سعيد چيو مون کي اهو چوندي به شرمندگي ٿي رهي آهي ته واقعو موٽر وي تي نه ٿيو، اها اسان جي، رياست جي ذميواري آهي پر بحث ٿي رهيو آهي ته موٽر وي ڪنهن ٺاهيو، ليبارٽري ڪنهن ٺاهي ۽ ٽيسٽون ڪٿي ٿي رهيون آهن.

وفاقي وزير جو چوڻ هو ته هن وقت پاڪستان ۾ والدين کي هڪ خوف آهي، توهان انهن کي احساس ڏياريو ته ڌيءُ طاقت هوندي آهي ڪمزوري نه ۽ جيڪي ٻارڙيون گهرن ۾ ڊنل آهن، انهن کي احساس ڏياريو ته رياست ذميواري کڻندي.

شيرين مزاري

انساني حقن بابت وفاقي وزير شيرين مزاري چيو ته اسان جي عزت ڪنهن جي ماءُ، ڀيڻ، ڌيءُ ۽ گهرواريءَ طور نه پر عورت جي حيثيت سان ڪئي وڃي، اپوزيشن ليڊر جي اها ڳالهه درست ناهي ته هوءَ قوم جي ڌيءُ هئي پر چئي ته هڪ عورت هئي.

هن چيو ته اسان کي اهو قبول ناهي ته اسان کي ڪنهن محرم سان گڏ نڪرڻو آهي، ماڊل ٽائون ۾ ٻن عورتن جي وات ۾ گوليون هيون ويون، اسان عابد باڪسر کي وساري ڇڏيو، شهباز شريف کي عورتن جو وڏو ڏک آ ته ماڊل ٽائون جو ذڪر به ڪري ها.

سندس چوڻ هو ته اسان کي موت جي سزا تي به سوچي سمجهي ڳالهائڻ گهرجي، ڪيترن ئي ملڪن ۾ موت جون سزائون ڏنيون ويون پر ڏوهه ختم نه ٿيا، جيڪڏهن مرد پاڻ کي قابو نٿا ڪري سگهن ته انهن کي گهرن ۾ بند ڪيو.

ان موقعي تي قومي اسيمبلي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته سرعام ڦاهي تي ڊيٽا ڪڍي تحقيق ڪري وٺو ته ڪهڙي ملڪ ۾ ڪيترا ڏوهه گهٽيا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.