سراج الحق جو موٽر وي واقعي تي سي ايم هائوس پنجاب آڏو ڌرڻي جو اعلان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي پاڪستان جي امير سراج الحق موجوده حڪومت جي قدمن تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته موٽر وي واقعي خلاف 17 سيپٽمبر تي پنجاب جي سي ايم هائوس جي سامهون ڌرڻو هنيو ويندو.

منصوره ۾ رٿيل سياسي، چونڊ ۽ تربيتي ورڪشاپ ۾ شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي جماعت اسلامي جي امير چيو ته ملڪ ۾ هڪ طويل عرصي کان مالي، سياسي ۽ نظرياتي ڪرپشن آهي.

سندس چوڻ هو ته هر طرح جي ڪرپشن پهرين به هئي ۽ هاڻ به آهي، ان ۾ ڪا به تبديلي ناهي آئي پر ڪرپشن فري پاڪستان اسان جو هدف آهي ۽ اسان بهترين آپشن آهيون.

سينيٽر سراج الهق چيو ته موجوده ۽ اڳوڻين حڪومتن ملڪ جي نظريي ۽ جغرافي سان بي وفائي ڪئي آهي، جتي به جماعت اسلامي کي نمائندگي ملي اُتان جو عوام هن جي ڪارڪردگي تي فخر ڪري ٿو.

هن چيو ته اسان جي رستي ۾ وڏيون رنڊڪون آهن هتي ووٽر آزاد ناهن، هتي جمهوريت نه پر هتي سڄو نظام يرغمال آهي.

سينيٽر سراج الحق ڪارڪنن کي مڪاني چونڊن سان گڏوگڏ جنرل اليڪشن جي تياري جي هدايت ڪندي چيو ته هاڻ هي حڪومت وڌيڪ دير نٿي هلي سگهي.

هن چيو ته جنهن حڪومت جي دور ۾ معصوم ٻارڙين، مائرن، ڀينرن ۽ ڌيئرن جون عزتون محفوظ نه رهن، الله تعاليٰ به انهن کي وڌيڪ مهلت ناهي ڏيندو.

سراج الحق چيو ته موٽر وي تي عورت سان زيادتي جو اِهو پهريون واقعو ناهي، هي سڄي ملڪ ۾ ٿيل واقعن جو تسلسل آهي پر حڪومت ستل آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.