ڪوٽڙي: پوليس پاران نوجوانن کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف عورتن جو احتجاج

ڪوٽڙي جي سائيٽ ايريا واري علائقي جي عورتن پوليس پاران نوجوانن کي زبردستي کنڀي گم ڪرڻ ۽ پوليس جي زيادتين خلاف احتجاج ڪيو ،  سائيٽ ڪوٽڙي جي خدا جي بستي واري علائقي جي عورتن شھناز ـ مريم ـ جويريا راجپوت پريس ڪلب پھچي احتجاج ڪندي ٻڌايو ته رات دير سان سائيٽ پوليس وڏن اٽالن سان گڏ انهن  جي گھر تي چڙھائي ڪري نوجوان احسن توفيق ۽ نعمان راجپوت کي مارڪٽ ڪري زبردستي کنڀي کڻي وئي آھي ،ھنن ايس ايس پي ڄامشورو ڊي آء جي حيدرآباد ۽ ٻين کان مطالبو ڪيو  ته انهن جي کنڀي گم ڪيل نوجوانن کي ظاھر ڪري اسان سان انصاف ڪري پوليس جي زيادتين جو نوٽيس ورتو وڃي …….

رپورٽ- نويد راجپوت

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.