وارھ  شهر جي تاريخي قبرستانن تي قبضن  خلاف احتجاجي ريلي ،ڌرڻو

وارھ تعلقي جي تاريخي قبرستانن تي ٿيندڙ قبضن ۽ چوديواري نه هجڻ خلاف سياسي سماجي اڳواڻن طرفان نائين ڏينهن به پريس ڪلب کان ريلي ڪڍي نٽھڻ اس ۾ شھيد فاضل راهو چوڪ تي ڌُرڻو هنيو ويو، ۽ قبضا مافيا خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي، ان موقعي تي اڳواڻن وڪيل اياز سرائي، بلاول کهاوڙ ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته  حاجي سليمان قبرستان جي 47 ايڪڙ زمين تي علائقي جي بااثر قبضو ڪيو آھي ، جڏهن ته ٻين تاريخي قبرستانن بشارت ڪلهوڙو، شيخن جو مقام، هندن جو مسڻ، گل شاھ، معصومن جو مقام، غازي خان مرکنڊ جي قبرستانن جي چوديواري نه هجڻ ڪري علائقي جي بااثرن قبضا ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آھن، هنن مطالبو ڪيو ته قبضا ڪندڙن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري، قبرستانن کي چوديواري ڏياري وڃي.

رپورٽ- مظفر قاضي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.