خيبرپختونخواهه ۾ فائرنگ جا واقعا، پ پ ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ مارجي ويا

پشاور(ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه ۾  فائرنگ جي ٻن واقعن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف خيبرپختونخواهه جو ڊپٽي جنرل سيڪريٽري طاهر اقبال هري پور ۾ جڏهن ته پاڪستان پيپلز پارٽي جو مقامي اڳواڻ پشاور ۾ فوت ٿي ويو.

پوليس جو چوڻ هو ته هري پور جي علائقي غازي ۾ اڻڄاتل ماڻهن فائرنگ ڪري پي ٽي آءِ جي صوبائي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري کي قتل ڪري ڇڏيو.

سندس چوڻ هو ته واقعو غازي جي حدن ۾ پيش آيو آهي ۽ ان واقعي ۾ مقتول جو ڊرائيور ۽ ساٿي زخمي ٿي پيا.

پوليس موجب حملي آور فائرنگ کان پوءِ واقعي واري جاءِ تان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿيا.

هري پوليس چيو ته مارجي ويل شخص جي سڃاڻپ ڊاڪٽر طاهر اقبال جي نالي سان ڪئي وئي آهي، جيڪو پي ٽي آءِ جو صوبائي عهديدار هو.

پوليس جو چوڻ آهي ته شروعاتي طور تي قتل جا سبب سامهون ناهن آيا، پر پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

پشاور ۾ پيپلز پارٽي جو اڳواڻ قتل:

خيبرپختونخواهه ۾ فائرنگ جو ٻيو واقعو پشاور ۾ پيش آيو، جتي گاڏي تي فائرنگ سبب پاڪستان پيپلز پارٽي جي مقامي اڳواڻ سميت ٽي ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ ٽي زخمي ٿي پيا.

پوليس موجب واقعو مچني ٿاڻي جي حدن ۾ پيش آيو، جتي اڻڄاتل ماڻهن هلندڙ گاڏي تي انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني، جنهن سان پ پ اڳواڻ ٻن سيڪيورٽي گارڊن سميت فوت ٿي ويو.

واقعي کان پوءِ ٻن زخمين ۽ لاش کي فوري طور اسپتال منتقل ڪيو ويو.

پوليس جو چوڻ هو ته هن وقت تائين ڪا به گرفتاري عمل ۾ ناهي آئي پر واقعو پراڻي دشمني جو نتيجو لڳي ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.