سون جي مُلهه ۾ واڌ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ في تولي سون جي مُلهه ۾ 4 سئو رپيا واڌ ٿي وئي.

پاڪستان ۾ سون جي قيمتن ۾ واڌ رڪارڊ ٿي آهي ۽ في تولي سون جي قيمت 4 سئو رپيا واڌ کانپوءِ هڪ لک 14 هزار 4 سئو رپيا ٿي وئي آهي.

اهڙي ريت 10 گرام سون 343 رپيا مهانگو ٿي 98 هزار 80 رپين جو ٿي ويو آهي.

هوڏانهن عالمي سونارا مارڪيٽ ۾ به سون جي قدر ۾ واڌ ٿي آهي، جيڪو 8 ڊالر وڌي 1948 ڊالر في اونس ٿي ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.