بيمار ماءُ لاءِ دوا وٺڻ ويندڙ ناري اجتماعي لڄالٽ جو نشانو بڻجي وئي

فيصل آباد (ويب ڊيسڪ) فيصل آباد ۾ بيمار ماءُ لاءِ دوا وٺڻ ويندڙ ناري اجتماعي لڄالٽ جو نشانو بڻجي وئي.

پوليس موجب جڙانوالا جي علائقي ۾ ٻن جوابدارن زبير ۽ اصغر ناريءَ کي اجتماعي لڄالٽ جو نشانو بڻايو.

متاثر ڇوڪريءَ پوليس کي ٻڌايو ته سندس ماءُ شگر جي مريض آهي، کيس فون ڪري جوابدارن چيو ته ان لاءِ ٻاهرين ملڪ مان دوا گهرائي آهي، ماءُ جي علاج لاءِ مان دوا وٺڻ ويس ته ٻنهي جوابدارن لَڄ لُٽي.

پوليس متاثر ناريءَ جي درخواست تي جڙانوالا سٽي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.