ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ هلڪي مينهن سان موسم خوشگوار

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) شهر جي مختلف علائقن ۾ هلڪي مينهن سان موسم خوشگوار ٿي ويو.

تفصيل موجب گذريل ڏينهن کان جاري سخت گرمي کان پوءِ اڄ شهر جي مختلف علائقن ۾ هلڪي مينهن جي ڪري موسم خوشگوار ٿي ويو جڏهن ته جن علائقن ۾ مينهن ريڪارڊ ڪيو ويو انهن ۾ نارٿ ڪراچي ۽ سرجاڻي ٽائون شامل آهن.

ٻئي پاسي چيف ميٽرولوجسٽ سردار سرفراز ڪراچي ۾ تيز مينهن جا امڪان رد ڪندي چيو ته چوماسي جو وڏو سلسلو سمنڊ ۾ هليو ويو، نئين سلسلي جا اثر سنڌ جي ٻهراڙي واري ضلعن ۾ هلڪي مينهن جي صورت ۾ ظاهر ٿي سگهن ٿا جنهن جي ڪري رات ۽ ڏينهن جي وقت ۾ شهر اندر بوندا باندي جا امڪان آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.