پي آءِ اي جو انجينئر جهاز تان ڪِري زخمي

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد ايئرپورٽ تي پي آءِ اي جو انجنيئر جهاز تان ڪِري زخمي ٿي پيو.

ذريعن موجب انجنيئر ذڪريا قريشي پارڪنگ نمبر 19 تي جهاز جي مرمت ڪري رهيو هو ته توازن بگڙڻ سبب هيٺ ڪِري پيو.

ذريعن ٻڌايو ته زخمي انجنيئر کي فوري طور طبي امداد لاءِ ٽراما سينٽر منتقل ڪيو ويو، جتي کيس طبي امداد ڏني پئي وڃي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ذڪريا قريشي کي اندروني ڌڪ لڳا آهن پر سندس حالت خطري کان ٻاهر آهي، کيس ٽراما سينٽر کان طبي امداد بعد نجي اسپتال منتقل ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.