سي سي پي او لاهور موٽر وي واقعي بابت تڪراري بيان تي معافي گهري ورتي

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) سي سي پي او لاهور عمر شيخ موٽر وي واقعي بابت تڪراري بيان تي معافي گهري ورتي.

عمر شيخ پنجاب جي گورنر چوڌري سرور سان ملاقات ۾ چيو ته منهنجي بيان سان ڪنهن جي دل آزادي ٿي آ ته معافي گهران ٿو.

هن چيو ته مان پنهنجي ڀينرن، ڀائرن ۽ سوسائٽي کان معافي گهران ٿو، منهنجو ڪو به غلط مطلب يا تاثر نه هو، مان پنهنجي ڀيڻ جنهن سان زيادتي ٿي ۽ سڀني طبقن کان معافي جو طلبگار آهيان.

واضح رهي ته 9 سيپٽمبر تي لاهور سيالڪوٽ موٽر وي تي عورت سان اجتماعي لڄالٽ جي واقعي تي موقف ڏيندي سي سي پي او لاهور چيو هو ته عورت کي موٽر وي تي چڙهڻ کان اڳ گاڏي جو پيٽرول چيڪ ڪرڻ گهرجي ها ۽ رات جي وقت کيس بنا ڪنهن مرد جي سفر نه ڪرڻ گهرجي ها.

عمر شيخ جي اهڙي بيان کانپوءِ عوام ۽ سياستدانن طرفان مٿس ڇتي تنقيد ڪئي وئي ۽ سندس استعيفيٰ جو مطالبو پڻ ڪيو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.