سنڌ هاءِ ڪورٽ نيب کي سهيل انور سيال جي گهر تي ڇاپن کان روڪي ڇڏيو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ آبپاشي، زڪوات و عشر ۽ اوقاف کاتي جي وزير سهيل انور سيال جي اپيل تي سنڌ هاءِ ڪورٽ نيب کي صوبائي وزير ۽ هن جي مائٽن جي گهر ڇاپا هڻڻ کان روڪي ڇڏيو.

جسٽس ڪي ڪي آغا تي ٻڌل بينچ پيپلز پارٽي اڳواڻ ۽ صوبائي وزير سهيل انور سيال ۽ ٻين جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي جنهن ۾ سهيل انور سيال عدالت کان نيب کي سندس گهرن تي ڇاپا هڻڻ کان روڪڻ جي درخواست ڪئي.

ٻڌڻي ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته سهيل انور سيال ضمانت حاصل ڪري رکي آهي پر ضمانت تي هئڻ جي باوجود قومي احتساب بيورو (نيب) طرفان مسلسل گهرن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن.

سهيل انور سيال عدالت کان اپيل ڪئي ته نيب کي گهرن تي ڇاپا هڻڻ ۽ هراسان ڪرڻ کان روڪيو وڃي.

سهيل انور سيال جي وڪيل شيراز راڄپر عدالت ۾ چيو ته نيب بيمار والد مرحوم چاچي ۽ ٻين مائٽن جي گهرن تي ڇاپا هنيا.

هن دعويٰ ڪئي ته نيب سرچ وارنٽ کان سواءِ ڇاپا هنيا ۽ عورتن کي به هراسان ڪيو.

عدالت ۾ نيب پراسيڪيوٽر مهلت گهرندي موقف اختيار ڪيو ته سهيل انور سيال ۽ ٻين جي خلاف انڪوائري مڪمل ڪئي وئي پر انهن جي ملڪيت جي اگهن جو ڪاٿو لڳائڻ باقي آهي.

سهيل انور سيال جي اپيل تي عدالت نيب کي صوبائي وزير سهيل انور سيال ۽ هن جي مائٽن جي گهرن تي ڇاپا هڻڻ کان روڪي ڇڏيو.

جسٽس ڪي ڪي آغا ريمارڪس ڏنا ته نيب کي اِهو اختيار ناهي ته ڪنهن جي گهر تي سرچ وارنٽ کان سواءِ ڇاپا هڻي.

هن چيو ته نيب ڪنهن جي گهر وڃي بنا جواز عورتن کي هراسان نٿو ڪري سگهي، اهلڪارن کي گهرجي ته ڇاپن دوران عورت پوليس اهلڪار کڻي وڃن.

جسٽس ڪي ڪي آغا ريمارڪس ڏنا ته نيب کي سوسائٽي ۽ هن جي قدرن جو به خيال ڪرڻو پوندو.

بعد ۾ عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي نيب کان اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪندي سهيل انور سيال، ظفر سيال ۽ جميل سومرو جي ضمانت ۾ 12 نومبر تائين واڌ ڪري ڇڏي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.