”پهرين حڪومت آ جيڪا هر واقعي جو الزام مظلوم تي مڙهي رهي آهي“

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ مريم نواز چيو آهي ته موٽر وي تي شرمناڪ واقعي سان عوام، خاص طور عورتون لُڏي ويون آهن، پهرين حڪومت آئي آهي جيڪا هر واقعي جو الزام مظلوم تي مڙهي ٿي.

ٽوئيٽر تي بيان جاري ڪندي مريم نواز چيو ته سانحي ۽ الميي ۾ فرق هوندو آهي، سانحو موٽر وي تي ٿيو ۽ الميو اهو آهي ته سي سي پي او جي پيغام مان اهو واضح ٿي ويو ته رات جي وقت شهرين جي حفاظت اسان جي ذميواري ناهي، موٽر وي تي ڊرائيونگ ڪندڙ عورت رياست جو مسئلو ناهي، حڪومت نه حفاظت ڪري سگهي ٿي ۽ نه مظلوم جي داد رسي ڪري سگهي ٿي، اهو پيغام هن ملڪ جي عورتن کي ڏنو ويو، هن ملڪ جي شهرين کي ڏنو ويو، اهو سانحي کان وڏو الميو آهي.

هن چيو ته سرڪاري گاڏين ۾ رات ڏينهن خاندانن سان گڏ سفر ڪندڙ سرڪاري گارڊ رکڻ وارن حڪومتي ميمبرن ۽ سي سي پي او کي ڪهڙي خبر ته هر عورت وٽ گاڏي موجود ناهي هوندي، هن ملڪ جي عام عورت کي گهران نڪرڻو پوندو آهي، ڀلي اها ڪٿي به هجي ان جي حفاظت رياست جي ذميواري آهي.

سندس موجب هن حڪومت کان سوال ڪرڻ گهرجي ته هڪ بدنام آفيسر ۾ اهڙو ڇا آهي جو ان جي بچاءَ لاءِ وفاقي وزير به ميدان تي لهي پيا ۽ سرڪاري ترجمان به صفن ۾ اچي ويا؟ ڇا توهان اهو پيغام ڏئي رهيا آهيو ته رياست 12 وڳي کانپوءِ سمهي پوندي آهي يا هتي جهنگ جو قانون آهي؟ حڪومتي رويي ڳڻتيءَ جوڳو آهي، توهان ڏوهاري بدران مظلوم تي الزام ڏئي بگهڙن جي حوصلا افزائي ڪري رهيا آهيو، توهان کي شرم اچڻ گهرجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.