لڳي ٿو ته پوليس ۾ غير قانوني ڀرتين کي حڪومتي آشيرواد حاصل هو: چيف جسٽس

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ قومي احتساب بيورو (نيب) کي سپرنٽنڊنٽ پوليس (ايس پي) غلام نبي ڪيريي جي خلاف ڪارروائي رکڻ جو حڪم ڏيندي سنڌ ريزرو پوليس ۾ غير قانوني ڀرتين جو ڪيس اُڪلائي ڇڏيو.

سنڌ ريزرو پوليس ۾ غير قانوني ڀرتين واري ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس گلزار احمد ڪئي.

ٻڌڻي ۾ ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ عدالت کي ٻڌايو ته سنڌ جي وڏي وزير انڪوائري کان پوءِ ملوث آفيسرن کي سزائون ڏنيون.

چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته مرڪزي ڪردار ايس پي غلام نبي ڪيريو کي گهٽ ترين سزا ڇو ڏني وئي؟ جڏهن غلام نبي ڪيريو جي صحيح سان سمورا اپوائنٽمنٽ ليٽرز جاري ٿيو.

چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ڇا غلام نبي ڪيريو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي به پوليس ۾ ئي آهي؟ جنهن تي ايڊيشنل ايڊووڪيٽ ٻڌايو ته گهٽ ترين سزا ملڻ تي غلام نبي ڪيريو جي پوليس ملازمت برقرار آهي.

ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل عدالت کي وڌيڪ ٻڌايو قومي احتساب بيورو (نيب) غير قانوني ڀرتين جي ڪيس ۾ غلام نبي ڪيريو کي گرفتار ڪري رکيو آهي.

چيف جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏنا ته سنڌ جي وڏي وزير رڳو ننڍن آفيسرن کي زوري ريٽائر ڪيو، لڳي ٿو ته غير قانوني ڀرتين کي حڪومتي آشيرواد حاصل هو.

چيف جسٽس وڌيڪ ريمارڪس ڏنا ته ملوث آفيسرن جي خلاف ڪارروائي به سياسي اسسٽنٽ ئي لڳي ٿو.

بعد ۾ عدالت نيب کي ايس پي غلام نبي ڪيريو جي خلاف ڪارروائي رکڻ جو حڪم ڏيندي سنڌ ريزرو پوليس ۾ غير قانوني ڀرتين جو ڪيس اُڪلائي ڇڏيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.