ٻارن سان زيادتي جي جوابدارن کي سرعام ڦاهيءَ جو بل سينيٽ ۾ پيش

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ ٻارن سان زيادتي جي جوابدارن کي سرعام ڦاهي ڏيڻ جو ترميمي بل سينيٽ ۾ پيش ڪري ڇڏيو.

ن ليگ سينيٽر جاويد عباسي ٻارن بابت ترميمي بل سينيٽ ۾ جمع ڪرايو، جنهن ۾ ٻارن سان جنسي زيادتي جي جوابدارن کي سرعام ڦاهيءَ ڏيڻ جي ترميم شامل ڪئي وئي آهي.

بل ۾ عمر قيد جي جوابدار کي موت تائين قيد ۾ رکڻ جي تجويز به ڏني وئي آهي.

سينيٽر جاويد عباسي بل ۾ زيادتي جي ڪيسن جي سيشن ڪورٽ بدران هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي جي ترميم به شامل ڪئي آهي.

تجويز ڪيل بل ۾ چيو ويو آهي ته هاءِ ڪورٽ ريپ ۽ زيادتي جي ڪيسن جو فيصلو 2 مهينن ۾ ڪرڻ جي پابند هوندي ۽ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف اپيل رڳو سپريم ڪورٽ ۾ داخل ٿيندي.

سينيٽ ۾ جمع ڪرايل بل ۾ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ زيادتي جي ڪيسن ۾ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تي اپيل ٻن هفتن ۾ اڪلائيندي.

بل موجب سزائون 18 سالن تائين عمر جي ٻارن ۽ ٻارڙين سان زيادتي ۽ ريپ تي لاڳو ٿينديون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.