”جيستائين جج مڪمل آزاد ۽ دٻاءَ کان آجا نه ٿيندا، انصاف ممڪن ناهي“

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس گلزار احمد چيو آهي ته انصاف ان وقت تائين فراهم نٿو ڪري سگهي ۽ عوام جا بنيادي حق ان وقت تائين محفوظ نٿا بڻائي سگهجن جيستائين ججز مڪمل طور تي آزاد ۽ ڪنهن ٻاهرين دٻاءَ جي اثر هيٺ نه هجن.

نئين عدالتي سال جي موقعي تي رٿيل تقريب کي خطاب ڪندي چيف جسٽس گلزار احمد خان چيو ته جج هئڻ رڳو اعزاز ناهي پر انصاف ڏيڻ جي ڳري ذميواري آهي، هر جج انصاف ڪرڻ جو پابند آهي، آئين جو عدليه جي تحفظ جي ضمانت ڏيندو آهي.

تقريب ۾ سپريم ڪورٽ جي سمورن ججز، اٽارني جنرل، چيئرمين پاڪستان بار ڪونسل، صدر سپريم ڪورٽ بار ڪونسل سميت سينيئر وڪيلن شرڪت ڪئي.

چيف جسٽس واضح ڪيو ته انصاف نه رڳو هر مهذب معاشري جو بنياد آهي پر قرآن ۽ سنت جي موجب اسلام جي بنيادي اصولن مان هڪ آهي جنهن جو تصور قرآن ۽ سنت ۾ ڏنو ويو.

چيف جسٽس چيو ته انصاف رڳو قانون جي موجب عوام جي حقن جو تعين ناهي پر قانون جي سامهون برابري يقيني بڻائڻ آهي، قانون جي تحت رنگ ۽ نسل ۽ مذهب کان مٿانهون ٿي سڀني سان هڪ جهڙو سلوڪ هئڻ گهرجي اسان جو آئين قانون ۾ برابري ۽ قانون جي برابري واري تحفظ جي ضمانت ڏيندو آهي.

هن وڌيڪ چيو ته انصاف ان وقت تائين فراهم نٿو ڪري سگهجي ۽ عوام جا بنيادي حق ان وقت تائين محفوظ نٿا بڻائي سگهجن جيستائين سمورا ججز مڪمل آزاد ۽ ڪنهن پرڏيهي دٻاءَ جي اثر هيٺ نه هجن.

جسٽس گلزار احمد جو چوڻ هو ته آئين عدليه جي آزادي کي مڪمل طور تي محفوظ بڻائڻ جو حڪم ڏيندو آهي، آئين ۽ قانون جي تحت ڪنهن کي عدليه جي آزادي  کي نقصان رسائڻ جي اجازت ناهي.

سندس چوڻ هو ته مشاهدي ۾ اِها ڳالهه آئي آهي ته ڪيس ختم ٿيڻ ۾ دير جو سبب ملتوي ڪرڻ آحي ۽ ان جو هڪ سبب اسلام آباد جي عدالتن ۾ وڪيلن جو پنهنجو ذاتي سببن جي ڪري نه پهچڻ آهي.

هن ٻڌايو ته ان مسئلي تي ضابطو آڻڻ ۽ فوري انصاف فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڪيسن جي ٻڌڻي اي ڪورٽ جي ذريعي ڪئي وئي، شروعات ۾ ويڊيو لنڪ جي سهولت رڳو ڪراچي رجسٽري ۾ هئي جنهن کي سمورين برانچن تائين واڌ جي ڏني وئي آهي.

ڪيسن جا تفصيل:

ڪيسن جي تفصيلن جو ذڪر ڪندي چيف جسٽس چيو ته گذريل عدالتي سال جي آغاز وقت عدالت ۾ 42 هزار 138 ڪيس التوا هيٺ هئا ۽ ڪووڊ 19 جي وبا کان اڳ وڌيڪ 8 هزار 817 نوان ڪيس داخل ڪيا ويا جڏهن ته 6 هزار 752 ڪيسز ۾ فيصلو ٿيندو.

هن ٻڌايو ته ڪووڊ 19 جي وبا کان پوءِ 7 هزار 46 ڪيس داخل ڪيا ويا جڏهن ته 5 هزار 792 ڪيسز جو فيصلو ٿيو ۽ عدالتي جي پڄاڻي 45 هزار 455 التوا هيٺ ڪيسز سان ٿي.

چيف جسٽس چيو ته طويل قانوني جوئي جي مسئلي تي ضابطو آڻڻ لاءِ سڄي پاڪستان ۾ ماڊل ڪورٽون قائم ڪيون ويون جن ورهين بدران ڪجهه مهينن ۾ ڪرمنل ۽ سول ڪيسز جا ٽرائلز ڪيا ويا ۽ انهن کي اُڪلايو.

هن ٻڌايو ته ڪووڊ 19 کان اڳ پهرين سيپٽمبر 2019ع کان 29 فيبروري 2020ع تائين 153 ورڪنگ ڊيز ۾ 173 ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽس قتل ۽ منشيات جي 21 هزار 553 ڪيس جو فيصلو ٻڌايو، ان دوران ماڊل ٽرائل مجسٽريٽ ڪورٽس 61 هزار 795 ۽ ماڊل سول ايپليٽ ڪورٽس 33 هزار 502 ڪيسز جو فيصلو ڪيو.

جسٽس گلزار احمد ٻڌايو ته گڏيل طور تي 44 ماڊل ڪورٽن 153 ڏينهن ۾ هڪ لک 16 هزار 85 ڪيسز جو فيصلو ڪيو جڏهن ته ڪووڊ کان پوءِ پهرين مارچ کان 11 سيپٽمبر تائين جي عرصي دوران 154 ڏينهن ۾ ماڊل ڪورٽس 16 هزار 487 ڪيسن جا فيصلا ڪري سگهنديون.

اٽارني جنرل پاڪستان:

سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ نئين عدالتي سال جي تقريب کي خطاب ڪندي اٽارني جنرل پاڪستان خالد جاويد خان چيو ته انصاف واري نظام ۾ خامين جي ڪري وائٽ ڪالر وارا بچي نڪري ويندا آهن.

هن چيو ته انصاف دير بنيادي مسئلو آهي ان مسئلي تي فوري ڌيان جي ضرورت آهي.

ٻئي پاسي پاڪستان بار ڪونسل جي وائس چيئرمين عابد ساقي چيو ته عدالتن کي عوام جي بنادي حقن جي تحفظ لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.