سي سي پي او جي بيان تي سڄي ڪابينا کي معافي وٺڻ گهرجي: لاهور هاءِ ڪورٽ

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس موٽر وي زيادتي ڪيس جي حوالي سان ريمارڪس ڏنا آهن ته خبر ناهي جاچ ٿي رهي آهي يا ڊرامي بازي آهي ۽ سي سي پي او اهڙو جملو چيو، جنهن تي سڄي ڪابينا کي معافي گهرڻ گهرجي.

لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جسٽس قاسم خان جي سربراهي ۾ موٽر وي زيادتي ڪيس جي عدالتي جاچ لاءِ داخل درخواست تي ٻڌڻي ي، جنهن دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته قانون موجب حڪومت چاهي ته عدالتي جاچ ڪرائي سگهي ٿي.

جسٽس قاسم خان چيو ته قانون پڙهو ۽ مون کي به ٻڌايو ته ڪهڙي قانون تحت اهو حڪم جاري ڪيون، رڳو خبر ڇپرائڻ لاءِ درخواستون داخل نه ڪيون وڃن.

سرڪاري وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته واقعي جو ڪيس داخل آهي ۽ جاچ به ٿي رهي آهي.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ان معاملي تي سخت ايڪشن ٿيڻ گهرجي ها ته جيئن قوم جي ڌيئرن کي حوصلا ٿئي، ڪيترن ئي وزيرن عجيب بيان ڏنا، خبر ناهي ته انويسٽيگيشن ٿي رهي آهي يا ڊرامي بازي آهي.

عدالت چيو ته حڪومتي صلاحڪار ۽ قانون وارو وزير موقعي تي وڃي تصويرون ٺهرائي رهيا آهن، ڇا قانون وارو وزير ڪو انويسٽيگيشن آفيسر آهي جو موقعي تي وڃي تصويرون ٺاهي رهيو آهي، اهي تصويرون پوءِ سوشل ميڊيا تي وجهي ڏيکاريندا آهن ته وڏو ڪم ڪري رهيا آهن.

عدالت واقعي جي جاچ لاءِ ڪميٽي جو نوٽيفڪيشن ۽ تازي رپورٽ طلب ڪري ورتي، جڏهن ته سي سي پي او لاهور کي به اڄ ئي طلب ڪري ورتو.

پوءِ سي سي پي او لاهور عمر شيخ عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ روسٽرم تي اچي پنهنجي بيان تي معافي ورتائين.

عمر شيخ چيو ته مون کي اهڙو بيان نه ڏيڻ گهربو هو پر مان بزرگ ۽ پيءُ جي حيثيت سان ڳالهه ڪئي هئي.

سي سي پي او عدالت کي ٻڌايو ته ڪيس ٽريس ٿي ويو آهي ۽ 2، 3 ڏينهن ۾ اهو ڪيس حل ٿي ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.