مني لانڊرنگ ريفرنس: شهباز شريف جي گهرواري ۽ ڌيءُ جا گرفتاري وارنٽ جاري

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) احتساب عدالت مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ن ليگ صدر شهباز شريف جي گهرواري ۽ ڌيءُ جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.

لاهور جي احتساب عدالت ۾ مني لانڊرنگ ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن سلسلي ۾ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف عدالت ۾ پيش ٿيو.

ٻڌڻي دوران شهباز شريف جي وڪيل امجد پرويز عدالت کي ٻڌايو ته حمزا شهباز ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي چڪو آهي، تنهن ڪري کيس عدالت ۾ پيش نه ڪيو ويو.

شهباز شريف وڪيل ذريعي عدالت کي اپيل ڪئي ته گهرڀاتين کي شروعاتي مرحلن ۾ طلب نه ڪيو وڃي، جنهن تي فاضل جج چيو ته قانون موجب شريڪ جوابدارن کي پيش ٿيڻ گهرجي.

عدالت ريفرنس ۾ پيش نه ٿيڻ تي شهباز شريف جي گهرواري نصرت شهباز ۽ ڌيءُ رابطا عمران جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.

پوءِ عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 29 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.