موٽر وي ريپ ڪيس جو هڪ جوابدار گرفتار، ڏوهه جو اعتراف

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) موٽر وي زيادتي ڪيس ۾ گرفتار ڪيل جوابدار شفقت عورت سان زيادتي جو اعتراف ڪري ورتو.

پنجاب پوليس جي سي ٽي ڊي کاتي گذريل ڏينهن گرفتاري ڏيندڙ جوابدار وقار الحسن جي نشاندهي تي ديپالپور ۾ ڪارروائي ڪئي هئي، جتان شفقت نالي شخص کي حراست ۾ ورتو.

پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته ديپالپور مان حراست ۾ ورتل جوابدار شفقت پڇا ڳاڇا دوران عورت سان زيادتي جو اعتراف ڪري ورتو آهي.

ذريعن موجب جوابدار اعتراف ڪيو ته هو ۽ جوابدار عابد ڦر جي نيت سان موٽر وي تي موجود هئا، جتي هنن هڪ ڪار کي ڏٺو ته ڪار جي ريڪي ڪئي.

ذريعن جو چوڻ آهي شفقت وڌيڪ ٻڌايو ته هو ۽ عابد ڦر جي نيت سان ڪار ڏانهن ويا، جتي هنن اڳ ۾ عورت کي مارڪٽ ڪئي ۽ پوءِ هيٺ کاهيءَ ۾ وٺي وڃي کيس لڄالٽ جو نشانو بڻايو.

ذريعن موجب جوابدار شفقت جو اڳ به ڪرمنل رڪارڊ موجود آهي ۽ هو ڦر جي ڪيترين ئي وارداتن ۾ ملوث رهيو آهي.

ذريعن وڌيڪ ٻڌايو ته جوابدار شفقت جي ڊي اين اي بئنڪ ۾ اڳ ئي موجود نه هئي پر پوليس طرفان شفقت جي تڪڙي ڊي اين اي ڪرائي وئي، جيڪا ميچ ڪري وئي آهي.

ذريعن موجب شفقت ماضي ۾ به اجتماعي زيادتي جي واقعن ۾ ملوث رهيو آهي پر پوليس وٽ جوابدار جو رڪارڊ نه هو.

ان کان اڳ گذريل ڏينهن موٽر وي زيادتي ڪيس ۾ پاڻ گرفتاري پيش ڪندڙ جوابدار وقار الحسن حراست دوران اهم انڪشاف ڪيا هئا.

هن پوليس کي ٻڌايو هو ته ڪيس جو مک جوابدار عابد هڪ عرصي کان شفقت نالي شخص سان وارداتون ڪري رهيو آهي، شفقت بهاولپور جو رهواسي ۽ عابد جو دوست آهي.

هوڏانهن موٽر وي زيادتي ڪيس ۾ پاڻ پوليس کي گرفتاري پيش ڪندڙ جوابدار وقار الحسن جي سالي عباس به پنهنجي گرفتاري ڏئي ڇڏي آهي.

ذريعن موجب عباس شيخوپورا ۾ پاڻ کي پوليس حوالي ڪيو، جوابدار وقار الحسن جاچ دوران پوليس کي ٻڌايو هو ته ان جو سالو عباس ان جي نالي تي جاري ٿيندڙ سم استعمال ڪري رهيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.