نئوٽ ڪوٽ ۾ برسات متاثرن جو واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاج

نئون ڪوٽ (ن ع آ) نئون ڪوٽ وارڊ نمبر 9 جي ڪورائي ڪالوني جي رهواسين جو واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڄاڻايل ڪالوني  جي رهواسين محمد حسن ڪورائي مراد کوسو شبير ڪورائي احمد گرگيز دلدار ڪورائي ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ت هن ڪالوني ۾ ڪورائي کوسا گرگيز مارواڙي برادري جا 200 کان مٿي گھر مڪمل پاڻي هيٺ آھن اسان گھرن کان نڪري ٻاهر روڊن تي 20 ڏينهن کان بي يارو مددگار ويٺل آھيون اسان جي ڪنهن ب ڪاموري توڙي چونڊيل نمائندي سار ن لڌي آھي، کليل آسمان  هي هيٺ بي يارو مددگار ويٺل آهيون متاثرن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نو ٽيس وٺي ٽينٽ ۽ ٻيو سامان فراهم ڪري واهر ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.