چيلهار قلعي تي اڏاوتي ڪم جو ثقافت کاتي نوٽيس ورتو

چيلھار (ت ر) چيلھار قعلو تي ٿيل قبضي بعد ھلندڙ اڏاوتي واري ڪم جي خبر عوامي آواز ۾ شايع ٿيڻ بعد ثقافت کاتو حرڪت ۾ اچي  ويو  آھي جڏھن ته ثقافت کاتي جي حرڪت ۾ اچڻ بعد ڊي جي منظور ڪناسرو ثقافتي ٽيم چيلھار قعلو موڪلي ٽيم چيلھار قعلو پھچي قعلي جي چئو طرف دورو ڪيو دوري ڪرڻ بعد قعلو پھتل ٽيم آفيسر محمد شريف ثقافت کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر سان رابطو ڪندي ٻڌايو چيلھار قعلي جي اندر توڙي چئوطرف مختلف بااثرن جا قبضا آھن ڪجھ ڌريون اڏاوتون ڪري رھيون آھن جنھن بعد ڊپٽي ڊائريڪٽر ٽيم آفيسر کي چيو اڏاوتي ڪم بند ڪرائي سرزمين جون وي ڊي او ڀري ثبوت طور ڊي جي صاحب کي ڏيو چيلھار قعلو پھتل ٽيم جي اھڙي ڪاروائي بعد بعد ثقافت کاتي جي ڊي جي منظور ڪناسرو عوامي آواز چيلھار سان ڳالھائيندي چيو عوامي آواز محنتي ۽ سجاڳ ادارو آھي جنھن قعلي ته ٿيل قبضن اڏاوتن جي نشانداھي ڪري مامرو اسان تائين پھچايو ۽ اسان کي سجاڳ ڪيو آھي اسان ثقافت کاتي طرفان انڪوائري لاء ٽيم چيلھار موڪلي ھئي جنھن انڪوائري ڪئي آھي جيڪا به قعلو جي اندر توڙي ٻه سئو فوٽ ٻاھر چئوطرف قبضا آھن اھي ھٽايا ويندا جڏھن ته چيلھار ساڃھ وندن روزانه عوامي آواز چيلھار جي ساراهھ واکاڻ ڪندي چيو عوامي آواز واحد ادارو آھي جنھن جي ڪري اڳ به ڪيترائي مسئلا حل ٿيا آھن اميد تي قعلو جو به مامرو جلد حل ٿي ويندو ٻئي طرف اھڙي ڪاروائي بعد قبضي مافيا ۾ ٿرٿلو پئجي ويو آھي جيڪي ھٿ پير ھڻڻ ۾ لڳا پيا آھن .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.