ملير ۾ شادي تقريب دوران خوشي ۾ فائرنگ، نوجوان مرڻينگ

ملير (ڊ ر) ملير جي علائقي مانسهرا ڪالوني ۾ شادي جي تقريب جي خوشي ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ گولي لڳڻ سبب هڪ  ڄڻو زخمي ٿي پيو، زخمي جي سڃاڻپ 22 ورهين جي عادل پٽ تاج محمد طور ٿي، زخمي کي علاج لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، واقعي کانپوءِ شادي جي خوشي غم ۾ تبديل ٿي وئي، پوليس ذريعن موجب نوجوان کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ جناح اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو آهي. واقعي جو ڪيس داخل ڪري ملوث ماڻهن خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.