ٽنڊي آدم واسي پورهيت ڄنگهه ناسور ٿيڻ ڪري هلڻ ڦرڻ کان لاچار

ٽنڊوآدم(ت ر) ٽنڊي آدم جي نيو سٽي جو رهواسي 45 ورهين جو پورهيت محمود ناصر عباسي  ٽنگ ڀڃي پوڻ کان پوءِ غربت سبب  علاج نه ڪرائي سگهڻ ڪري سندس ٽنگ جي زخمن ۾ پس ڀرجي وڃڻ ڪري بد بوءِ اچي ٿي جنهن سبب ناسور ٿيڻ ڪري هو گذريل 4 مهينن کان هلڻ ڦرڻ کان لاچار آهي ۽ بستري ڀيڙو آهي  جنهن سبب سندس علاج ته ٺهيو پر ويهڻ ڪري سندس گهر جي چلھ اجهامي وڃڻ ڪري ٻچا بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن . ان سلسلي ۾ پورهيت جي زال ٻڌايو ته مڙس جي اعلاج تي هڪ لک کان وڌيڪ خرچ ايندو اسان وٽ کائڻ لاءِ ناهي ته اعلاج ڪيئن ڪرايون هن ٻڌايو ته کيس ٽي ڌيئرون آهن جيڪي هڪ فيڪٽري ۾ مزدوري ڪن ٿيو پر ان مان گذارو نٿو ٿئي هن گهر ڪئي ته سرندي وارا واهر ڪن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.