سکر لڳ نوجوان تي هٿياربندن جو تشدد، احتجاج

سکر(رپورٽر) سکر ڀرسان هڪ سال اڳ پرڻو ڪندڙ نوجوان محرم علي پٽ گلزار شنباڻي هڪ ڏينهن اڳ هٿياربندن هٿان اغوا بعد وحشياڻو تشدد پوليس جي مداخلت تي آزاد زخمي حالت ۾ اسپتال داخل وارثن جو احتجاج خبر موجب  سنگرار ٿاڻي جي حد غلام ڳوٺ واري علائقي جي رهواسي قربان علي شنباڻي سول اسپتال سکر ٻاهران احتجاج ڪندي دانهيو آھي ته هڪ سال اڳ محرم علي پٽ گلزار احمد ۔ناري رابعا ڌيء شاه بخش ملڪ سان سکر جي عدالت ۾ پسند جي شادي ڪئي هئي ناري هن وقت عدالتي حڪم تي سکر جي دارلامان ۾ آھي هنن ٻڌايو ته ڇنڇر واري ڏينهن منجهند جو جوابدار لعل ڏنو چاچڙ ۔غلام محمد چاچڙ۔شھزادو۔لياقت علي۽ نادر سميت ٻارنهن جوابدارن نوجوان محرم اغوا ڪري سخت تشدد جو نشانو بڻايو پوليس جي مداخلت تي مغوي محرم علي کي آزاد ڪيو هن ٻڌايو ته پوليس جوابدار ڌر سان ٻٽ بڻجي ڪابه گرفتاري ناهي ڪئي هنن اعلي اختيارن کان گهر ڪئي آھي ته واقعي جو نوٽيس وٺي جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪرائي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

ٺل ۾ مٺي پاڻي جي فراهمي لاءِ احتجاج

ٺل (ن ع آ) ٺل جي شهرين کي پيئڻ جي مٺو پاڻي  نه ملي سگهيو آهي،جنهن سبب شهري سخت پريشان آهن ۽ پيئڻ جو مٺو پاڻي پئسن عيوض خريد ڪرڻ تي مجبور بڻيل آهي،کارو پاڻي واپرائڻ جي ڪري رهواسي ڪاري ڪامڻ سميت ٻين ڪيترن ئي مهلڪ بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن،گذريل چئن مهينن کان ٺل جي شهرين پاران“ٺل گهري ٿو مٺو پاڻي”احتجاجي تحريڪ هلندڙ آهي،چار مهينا گذري وڃڻ جي باوجود چونڊيل نمائندن پاران پيئڻ جي مٺي پاڻي جي اسڪيم جي بحالي جي حوالي سان ڪابه پيش رفت نه ڪئي آهي ۽ نه وري ڪو نوٽيس ورتو آهي،ڪالهه جدوجهد ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي مٺي پاڻي جي اسڪيم جي بحالي جي لاءِ سخت گرمي ۽ نٽهڻ اُس ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،مظاهرين جي هٿن ۾ بينر،پلي ڪارڊ هئا،جنهن تي پاڻي جي لاءِ مختلف نعرا لکيل هئا،ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن ڪامريڊ جمال جوش ٻرڙو،علي حسن ڀٽي،امام الدين سرڪي،سرواڻ لاشاري، عامر سومرو،گل حسن ٻرڙو ۽ ٻين چيو ته 2012ع ۾ منظور ٿيل پيئڻ جي پاڻي جي اسڪيم اٺ سال گذري وڃڻ جي باوجود مڪمل نه ٿي سگهي آهي،58 ڪروڙ روپين جي لاڳت سان اسڪيم ۾ وڏي پئماني تي ڪرپشن ڪئي وئي آهي،ٺيڪيدارن ۽  چونڊيل نمائندن ملي ڀڳت ڪري اسڪيم جا پئسا جاري ڪرائيندي هڙپ ڪيا آهن،شهري ۽ سياسي پارٽين پاران ڪيترائي ڀيرا احتجاج رڪارڊ ڪرايا ليڪن ڪوبه کڙتيل ناهي نڪتو،هنن چيو ته اڄ مٺي پاڻي لاءِ سمورو شھر ۽ تعلقو جاڳي پيو آھي،اڄ سڀئي شهري گهري رهيا آهن“ٺل گهري ٿو مٺو پاڻي“اڳواڻن چيو ته مٺي پاڻي لاءِ احتجاجن سان گڏ اسان نيب،اينٽي ڪرپشن،ايف آءِ اي،سنڌ ھاءِ ڪورٽ سپريم ڪورٽ جو در کڙڪائي اسيمبلي آڏو پڻ  ڌرڻا هڻنداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.