نوابشاهه ۾ افغانين کي نيڪالي نه ڏيڻ خلاف بک هڙتال

نوابشاهه (ڊ ر) عوامي جھموري پارٽي پاران سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري ۽ افغاني پناهگيرن کي نيڪالي ڏيڻ جي حوالي سان نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران علامتي بک ھڙتال ڪئي وئي جنھن جي اڳواڻي امان الله  شيخ، ابرار قاضي، زاھدہ ڏاھري ۽ صالح بلو ڪري رھيا ھئا، انھيءَ موقعي تي بک ھڙتال تي ويٺل اڳواڻن چيو ته سنڌ ڪو يتيم خانو ناھي جو ھتي ڌارين کي غير قانوني طور آباد ڪيو پيو وڃي، ھنن چيو ته اسان جي ھڪ نقطي واري ايجنڊا آھي ته افغانين جو 30 جون 2020 تي مدو ختم ٿي ويو آھي پر ان جي باوجود سنڌ حڪومت افغاني پناهگيرن کي پنھنجي ملڪ ڏانھن موڪلڻ لاءِ تيار ناھي، انھيءَ جي ڪري اسان مطالبو ٿا ڪيون ته فوري طور تي افغاني پناهگيرن کي سنڌ مان نيڪالي ڏني وڃي ۽ سنڌ ۾ ٻيا جيڪي به ڌاريا آھن انھن کي پنھنجي ملڪن ڏانهن موڪليو وڃي ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري سبب سنڌ جا ماڻهو معاشي مسئلن جي ور چڙھيل آھي، ھنن چيو ته ڊويزنل ھيڊ ڪوارٽرن ۾ احتجاج ڪرڻ بعد ڪراچي ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس سڏائي ويندي جنھن بعد وڌيڪ لائحه عمل جوڙيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.