ڪنري ۾بدامني، گهر مان پئسا ۽ ٻيو سامان چوري، پوليس ستل

ڪنري (ت ر)ڪنري ڀرسان ميمڻ ناڪي وٽ رام بستي ڪالوني ۾ گذريل رات اڻڄاتل چور ٽيڪم ڪولھي جي گھر ۾ گھڙي ھڪ عدد 2012 سي ڊي موٽرسائيڪل، ھڪ عدد موبائل فون ۽ 30 ھزار روپيا روڪ رقم سميت ٻيو سامان چوري ڪري کڻي ويا، گھر ڌڻين صبح جي وقت ننڊ مان اُٿڻ وقت سنڀال ڪئي ايتري ۾ چور فرار ٿي چڪا ھئا اطلاع تي پوليس پھچي ۽ چورن جا پيرا کنيا ويا پر ٿوري مفاصلي بعد پيرا ختم ٿي ويا جنھن سبب وڌيڪ ڏس پتو نه پئجي سگھيو.

ميرپورساڪري ۾ بدامني، دڪان مان چوري، پوليس ننڊ

ميرپور ساڪرو (ن ع آ) ميرپور ساڪري شھر جي ريحان آباد ڪالوني ۾ والجي ۽ اشوڪ ڪمار دينچا جي دڪان  چور اندر داخل ٿي  مھراڻ ڪار جي بيٽريون  ۽ دڪانن ۾ پيل سامان چور چورائي فرار ٿي ويا ان ڏس ۾ مالڪن ۾ ميرپور ساڪري ٿاڻي تي اين سي داخل ڪري شڪي جوابدارن جا نالا پڻ ڏنا آهن پر پوليس ڪا به ڪاروائي ڪرڻ لا تيار ناهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.