مٺي ۾ خوراڪ جي کوٽ سبب وڌيڪ 3 ٻارڙازندگي جي جنگ هارائي ويا

مٺي(بيوروچيف)مٺي سول اسپتال ۾ خوراڪ جي کوٽ ۽ مختلف بيمارين وگهي وڌيڪ 3 ٻارڙا زندگي جي جنگ هارائي ويا،فوت ٿيل ٻارڙن هڪ سال جو هشمت ولد لجپت،14مهينن جي درپنا ڌيءُ ڪوشل ۽   14 مهينن جو سروڻ ولد هيرو ڀيل ٻارڙا شامل آھن،جنهن کانپوءِ هلندڙ مهيني فوتي ٻارڙن جو انگ 15 ۽ هلندڙ سال 593 ٿي ويو آھي،هوڏانهن علاج جون گهربل سهولتون نه هجڻ ڪري ٻارن جي موت وارن واقعن تي ضابطو اچي نه سگهيوآھي، سنڌ سرڪار ۽ مقامي چونڊيل نمائندا ٻارن جي موت وارن واقعن تي خاموش تماشائي بڻيل آھن،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.