حيدرآباد ۾ برساتي پاڻي جي تلاءُ ۾ وهنجندي نوجوان فوت

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد جي گنجو ٽڪر وٽ برساتي پاڻي جي تلاءَ ۾ وهنجندي هڪ ٻيو نوجوان فوت ٿي ويو. حيدرآباد سائيٽ گنجو ٽڪر جي جبلن وٽ برسات ٿيڻ کانپوءِ پاڻي جو تلاءَ بڻجي ويو آهي، جتي حيدرآباد جا نوجوان تفريح لاءِ وڃڻ لڳا آهن، جڏهن ته ڪالهه تفريح لا ويل هڪ نوجوان 22 سالا طيب برساتي پاڻي جي تلاءِ ۾ ٻڏي ويو، جنهن جو لاش دوستن ۽ علائقي واسين جي ڪوششن سان تلاءَ مان ڪڍيو ويو. واضح رهي ته گذريل آچر 6 سيپٽمبر تي حيدرآباد جي ڀٽي ڳوٺ جو رهواسي عدنان ڀٽي به ڄاڻايل تلاءَ ۾ وهنجڻ دوران فوت ٿيو هيو.

ٽنڊي آدم لڳ ڪچري کي ڏنل باھه ۾ لڪل گولي ڦاٽڻ سبب عورت زخمي، اسپتال داخل

ٽنڊوآدم ( ت ر ) تعلقي ٿاڻي ٽنڊوآدم جي حد  ڳوٺ راڻو مل ۾ ڪچري کي ڏنل باھ سبب ڪچري اندر لڪل بندوق جو ڪارتوس ڦاٽن ڪري نوجوان عورت شهناز زال حنيف راجپوت زخمي ٿي پئي جنهن کي تعلقه اسپتال شهدادپور مان طبي امداد ڏيئي حيدرآباد موڪليو ويو ان سلسلي ۾ ڊي  ايس پي ايوب بروهي  ٻڌايو ته واقعو اتفاقي آهي.

ڪنڌڪوٽ ۾ نوجوان کي زهر ڏئي مارڻ جي ڪوشش، اين سي داخل

ڪنڌ ڪوٽ (ڊ ر) ڪنڌ ڪوٽ شهر جي علائقي عيد گاهه پاڙي ۾ ساهرن جي گهر ۾  نوجوان کي زهر ڏيڻ  مارڻ  جي ڪوشش، بي هوش جي حالت ۾  اطلاع تي وارث پهچي نوجوان سيد باقر علي شاھ ولد سجاد حسين شاھ کي کڻائي اسپتال پهچايو جنهن بعد سندس سکر منتقل ڪيو ويو انهي حوالي سان نوجوان جي وارثن پاران اي سيڪشن ٿاڻي تي پڻ  اين سي داخل ڪرائي وئي، ان حوالي سان   نوجوان جي پيءُ سيد سجاد حسين شاھ ٻڌايو ته منهنجو پٽ باقر علي شاھ پنهنجي گهر واري کي وٺڻ لاءُ ساهرن جي گهر ويو ته سندس رات رهڻ  بعد صبح جو چانهه ۾  زهر ملائي ڏنو ويو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.