سيوهڻ لڳ درياهه ۾ چاڙهه، 20 کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي هيٺ، شهر سان رابطو ڪاٽا

سيوھڻ (رپورٽ: خالد ميمڻ )سنڌو درياهه ۾ آيل زبردست چاڙھ ۽ وڏي ٻوڏ بعد سيوھڻ تعلقي پڻ سخت متاثر ٿيو آهي ۽ اٽڪل 20 کان وڌيڪ ننڍا وڏا ڳوٺ سيلابي پاڻي ھيٺ يا گھيري ۾ اچي چڪا آهن،  جن ۾ ڳوٺ ماھي اوٺو، دريدرو، نئون واھڻ، وڏيرو پيرل ھاليپوٽو، حيات جلباڻي، صالح ٻگھيو، ڀورل جتوئي، منٺار جتوئي، بلاولپور، ڌڻي بخش جتوئي، راڌڻ جھنڊياڻي، ٻڌڙ ٻٻر، محمود ٻگھيو، خيروديرو، غلام النبي ٻگھيو ۽ ٻيا ڳوٺ متاثرن ۾ شامل آهن،  ڄاڻايل متاثر ڳوٺن جي 40 ھزار کان وڌيڪ آبادي جو سيوھڻ شھر ۽ تعلقي جي پڪي وارن علائقن سان اچ وڃ وارو رابطو ڪٽجي ويو آهي، جڏهن ته آبادگارن جو ھزارين ايڪڙن تي بيٺل وونئڻ، مرچ، بصر، جوئر، گوار ۽ ترن سميت ٻيا فصل ٻوڏ جي پاڻي ۾ ٻڏي تباهه ٿي ويا، جنهن ڪري آبادگارن کي ڪروڙين روپين جو نقصان رسڻ سبب سندن مٿي تي ھٿ اچي وياآهن،  ان سلسلي ۾ متاثر ڳوٺاڻن ۽ سماجي اڳواڻن منظور ھاليپوٽو، علي محمد ھاليپوٽو، رمضان اوٺو، محمود ٻگھيو، منٺار جتوئي ۽ ٻين صحافين سان ڳالھائيندي دانھيندي چيو  آهي ته سندن ڳوٺن ۾ گذريل ٻن ھفتن کان ٻوڏ جو پاڻي بيٺل آهي،  پر ضلعي ڄامشورو توڙي مقامي انتظاميا پاران بي پھچ ڳوٺاڻن جي ڪابه واھر نه ڪئي آهي، پاڻي ڦاٿل کي ٻه ٻيڙيون ڏنيون ويون آهن، جيڪي پڻ بااثرن حوالي، غريب ٻيڙي تي في ماڻهو 30 رپيا ڪرايو ڀري پڪي تي ڪم لاءِ اچن ٿا، هنن وڏي وزير کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.