پ پ ٻوڏ متاثرن جي هر ممڪن مدد ڪري رهي آهي: سهراب سرڪي

ڪوٽ غلام محمد (ن ع آ)  ڪوٽ غلام محمد لڳ سيد هائوس تي پ پ پ ايم پي اي سهراب خان سرڪي پهچي مرحوم سيد اياز حسين شاه جي وفات تي  سندس پوئينرن سان تعزيت ڪئي ۔جڏهن ته سيد اياز حسين شاه جي وڏي پٽ سيد اسد حسين شاه کي درگاه سيد عبدالعزيز شاه عرف حقي واري بابا جو گاڌي نشين مقرر ڪندي پڳ ٻڌرائي ۔پڳ کي ور ويندڙن ۾ ايم پي اي سهراب خان سرڪي ۔سيد سهيل شاه ۔سيد افتخار حسين شاه ۔سيد ايڊوڪيٽ فرحان شاه ۔سماجي اڳواڻ محمد سليم خان قائم خاني ۔سيد شاحر شاه ۔عارف قريشي ۔سيد علي اياز شاه ۔عامر مغل ۔محمد رفيق کوسو ۽ ٻيا شامل هئا ۔جڏهن ته ايم پي اي سهراب خان سرڪي صحافين سان ڳاله ٻولهه ڪندي چيو ته سيد اياز حسين شاه  انتهائي محبتي ماڻهو هو، هن وڌيڪ چيو ته برساتن سبب سڄي سنڌ سخت متاثر ٿي آهي  پ پ پ چئيرمين  سموري سنڌ جي ڪابينا سان گڏ ميرپورخاص ڊويزن جا دورا ڪري ٻوڏ متاثرن جو جائزو وٺي رهيو آهي ۔هن چيو ته  پ پ ٻوڏ متاثرن جي هر ممڪن مدد ڪري رهي آهي، آبادگارن کي رليف ڏيڻ لاءِ قدم کڻون  پيا، متاثرن کي اڪيلون نه ڇڏينداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.