شڪارپور مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيو، عوام پريشان، انتظاميا ننڊ

شڪارپور (ڊ ر) شڪارپور ضلعي جي ڳوٺ نئون امروٽ ۾   برسات سبب سڄي شھر اندر برسات جو پاڻي هنڌان هنڌان بيٺل آھي جنهن سبب ڳوٺ نئون امروٽ ۾ ذوافقارميراڻي۔  دين محمد دل ۔ عبدالقيوم انصاري ۔ وسند ميراڻي ۔ نجيب الله دل۔ سميت 13 کان وڌيڪ گهرن جون ڇتون ۽ ڀتون ڪري پيون آھن رهواسين  ڪيترائي  ڀيرا انتظاميا   کي درخواستون ڪيون ته گهٽين ۽ ڍوري ۾ گهر ۾ بيٺل برساتي پاڻي ڪڍرايو وڃي پر انتظاميا ڪوبه تحرڪ نه ورتو، ان حوالي سان رهواسين دانهيندي چيو ته برساتي پاڻي بيهڻ ڪري عمارتن کي نقصان پيو ٿئي، پر شڪايتن باوجود انتطاميا دانهن نه ٿي ٻڌي، گهٽين ۾ پاڻي بيهڻ ڪري اچ وڃ ۾ سخت ڏکيائيون ٿي رهيون آهن، هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي علائقن مان برساتي پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.