جوهي ۾ ٻوڏ متاثرن جي علاج لاءِ سماجي تنظيم پاران ڪئمپ

جوهي ( ن ع آ ) جوهي جي ٻوڏ متاثرين جي سهائتا لاءِ هيلٿ ڊپارٽمينٽ ضلع دادو ريڊس پاڪستان، سماجي تنظيم  ناري ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن جوهي پاران يوسي  ڪمال خان جي  وليج مرزا چنا (حاجي ڀلارو) وليج سوري رودناڻي کان پوءِ يوسي شاھ حسن جي ڳوٺ خان محمد ملاح "منڇر ذيرو پُوانٽ” ۾ مفت ميڊيڪل ڪئمپ لڳائي وئي،  جنهن ۾  200 کان مٿي مريضن جو علاج ڪيو ويو. ڊسٽرڪٽ  ڪوآرڊينيٽر ريڊس پاڪستان دادو جي عبداللّٰه, اويس،ناري ڊولپمينٽ جي سي ئي او ميڊم عذره ميمڻ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ٻوڏ متاثرين جي سهائتا جي شروعات يوسي ڪمال خان کان ڪئي آهي ڪوشش هوندي ته هر يوسي ۾ ٻوڏ متاثرين جي سهائتا ڪجي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.