ميرپور خاص ڊويزن جا ٻوڏ متاثر دربدر، مڇرن ويل ڪري ڇڏيو

مٺي (رپورٽ:غازي بجير)ميرپورخاص، عمرڪوٽ، سانگهڙ، بدين، گولاڙچي، جهڏو ۽ ڊگهڙي سميت بئراجي علائقن ۾ ترسيل ٻوڏ متاثرين جا سُور ٻيڻا ٿي ويا آهن، مليل رپورٽن موجب ته بئراجي علائقن ڪلوئي،  نئوڪوٽ قلعي سميت ٿر جي ضلعي جي ڀٽن ڀرپاسي ويٺل هزارين ٻوڏ متاثر دربدر ٿي ويا آهن، جن جي مڪمل مدد ناهي ٿي سگهي، جيڪي بيحسي جي تصوير بڻيل آهن، ذريعن کان مليل رپورٽن موجب ته سنڌ حڪومت پاران لاڳاپيل ضلعن جي سمورن ڊپٽي ڪمشنرن کي هڪ هڪ ڪروڙ روپيا جاري ڪرڻ جي باوجود اُهي ڪٿي خرچ ٿيندي نظر نه ٿا اچن، متاثر هزارين خاندان پنهنجي مدد پاڻ تحت جهونپڙيون اڏي ترسيل آهن، جيڪي ٻوڏ واري پاڻي ڀرسان روڊن تي ترسيل هجڻ ڪري مڇرن جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي ۽ زندگي زهر بڻجي وئي آهي، مڇرن جي آزار سبب ڪئمپن ۾ ويٺل ماروئڙن جي معصوم ٻارڙن کي مختلف بيماريون وڪوڙي ويون آهن،ڪروڙين رپيا ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ جاري ٿيڻ باوجود خرچ نه ٿيڻ جو سرڪار ڪو نوٽيس ئي ناهي ورتو، جڏهن ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چئن ڏينهن جي دوري بعد واپس ويو ۽ دوري دوران رڳو وفاق کي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو پر ٻوڏ متاثرين جي مدد توڙي ٻيهر بحالي بابت ڪي پلان جُڙي ناهي سگهيو، جڏهن ته سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ ٻه ٽي ڀيرا ڄاڻايل علائقن جا دورا ڪيا پر دورن جو ڪو خاص فائدو نه ٿيو، ائين ئي صدر پاڪستان عارف علوي پاران ميرپورخاص جي علائقن جو دورو ڪيو پر سمورن اڳواڻن جي دورب تي ٿيل خرچ جو اڌ حصو به ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ استعمال ناهي ٿيو،جنهن سبب سمورن علائقن جا ٻوڏ متاثرين روڊن تي دربدر ٿي ويا آهن، کاڌ خوراڪ جو سامان به کٽي ويو آهي، جنهن سبب سوين خاندان بکون ڪاٽڻ تي مجبور ٿي ويا آهن،انساني جانيون خطري هيٺ اچي ويون آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.