پيرولاشاري ۽ ڀرپاسي ۾ سارين جي فصل کي پن ويڙهي جو مرض لڳي ويو، آبادگار پريشان

پيرولاشاري ( رپورٽ:  عاجز سنڌي )پيرولاشاري ۽ ڀرپاسي ۾ برسات کانپوءِ  سارين جي فصل ۾ پن ويڙھي جو مرض ڪاهي پيو دوائون بي اثر  آبادگارن جا مٿي تي هٿ اچي ويا،  پيرولاشاري  ۽ ڀرپاسي ۾ تيز برسات کانپوءِ سارين جي فصل ۾ گڏر لڳي وئي سوين  ايڪڙن تي لڳل فصل سارين جو سڙڻ لڳو، جڏھن ته ساريون ھاڻي نيسر ۾ پڻ آھن، آبادگارن  جا مٿي تي هٿ اچي ويا آبادگارن پير بخش خاصخيلي،   واصف قمبراڻي، محمد ملاح ۽ ٻين ٻڌايو ته اسان ٻج ڀاڻ  مھانگي اگھه ۾  ورتو آھي، ساريون خرچ به ڪون پيون لاهين ۽  دوائون به استعمال ڪري ڪري  ٿڪجي پيا آھيون، ڪوبه فائدو ڪونهي،   اسان ھر روز 7 ڏينھن تائين  دوائن جا ڦوھارا ڪيا پر ڪابه رزلٽ نه ملي، آبادگارن  ٻڌايو ته طوفاني برسات  سارين جي کي وڏو نقصان رسايو آهي ۔هنن مطالبو ڪيو آھي ننڍن آبادگارن کي زرعي قرض ڏيئي اسان سان همدردي ڪئي وڃي ته جيئن ٻيهر آبادي ڪري پنهنجي ٻچن جو گذارو ڪري سگهجي ۽ نقلي دوائن وڪرو ڪندڙن  خلاف قانوني قدم کنيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.