واهي پانڌي ۾ ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿي، عوامي پورهيت پارٽي جي ريلي

واهي پانڌي (رپورٽ: حسين بخش رستماڻي ) واهي پانڌي نئين نلي جي ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿي سگهي سوين خاندان فاڪاڪشي ۾ مبتلا ٻوڏ جي تباھ ڪارين باوجود تڪ جا چونڊيل نمائندا لاپتا آهن، ڪاڇي جي ٻوڏ سبب متاثر ماڻهن جي سهائتا نه ٿيڻ ۽ ڪاڇي جا جوهي دادو سان 36هين ڏينهن به رستا بحال نه  ٿيڻ خلاف واهي پانڌي ۾ ٻوڏ متاثرن پاران هلندڙ احتجاج ۾ عوامي پورهيت پارٽي جي سربراهه قانوندان جي اين کوسو، ايڊووڪيٽ مير کوسو ريلي ۾ شريڪ ڪئي متاثرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي عوامي پورهيت پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ جي اين کوسو ٻوڏ متاثرن پاران واھر نه ٿيڻ خلاف نڪتل ريلي کي خطاب ڪندي چيو ته ڪاڇي ۾ نئين گاج ۽ نئين نلي جي تيز وهڪري سبب پورهيت طبقي جي ماڻهن جا گهر ڊهي پٽ پئجي ويا متاثر خاندان کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن، جيڪي واهر جا منتظر آهن ايڊووڪيٽ جي اين کوسي وڌيڪ چيو ته تيل گئس ۽ ڪوئلي جهڙي ذخيري سان مالامال ڪاڇي جا ماڻهو اجهي لٽي لاءِ پريشان آهن، سنڌ سرڪار ڪاڇي ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ اربين رپين جو بل پاس ڪرائي اٽي ۾ لوڻ برابر به واهر نه ڪري سگھيا آهن ٻئي طرف واهي پانڌي نئين نلي جا ٻوڏ متاثر سرڪار توڙي سماجي تنظيمن جي امداد کان پڻ محروم آهن، موسميات کاتي پاران ٻيهر برساتن جي اڳڪٿي سبب کليل آسمان هيٺ ويٺل متاثرن جا اهنج وڌيا ويا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.