مدئجي ويجھو نينگر کڏ ۾ ٻڏي فوت

مدئجي (ن ع آ) مدئجي ويجهو وارهه پل تي ويٺل بروهي برادري جو هڪ سالا نينگر انيس الرحمان بروهي گهر ٻاهران راند ڪندي  پاڻي جي کڏ ۾ ڪري پيو، جنهن کي وارثن بروقت پاڻي مان ڪڍي بيهوشي واري حالت ۾ تعلقي اسپتال پهچايو،جتي ڊاڪٽرن پاران نينگر جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، جنهن تي وارثن ۾ قهرام مچي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.