اوڏيري لال لڳ نوجوان ٽرڪ هيٺان اچي چيڀاٽجي ويو

اوڏيرولال (رپورٽ: سڪندر ساهووال) اوڏيرولال اسٽيشن لڳ ڳوٺ غازي خان ساهووال جو رهواسي  21 سالا شعبان ولد رمضان ساهووال  جيڪو مزدوري سانگي ڪيلي جي ٽرڪ مال سان لوڊ ڪرائي واپس اچي رهيو هو ته هلندڙ ٽرڪ مان لهڻ دوران سندس پير ترڪڻ جي نتيجي ۾ ٽرڪ جي هيٺان اچي سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي سندس وارث رورل هيلٿ سينٽر اوڏيرولال اسٽيشن  کڻائي آيا، جتي موڪل هجڻ ڪري ڊاڪٽر نه هئڻ سبب کيس زخمي حالت ۾ حيدرآباد نيو ويو، زخمي زخمن جا سور نه سهندي رستي ۾ ئي  فوت ٿي ويو. جڏهن ته نوجوان مزدور شعبان جو لاش گهر پهچڻ تي گهر ڀاتين ۾ قهرام مچي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.