ملير ويجهو مسجد جي باٿ روم مان لاش هٿ

ملير (ڊ ر) ملير لانڍي نمبر 1 ڇوٽي مارڪيٽ ويجهو مسجد خضرا جي باٿ روم مان 60 ورهين جي طيب عبدالڪريم پٽ فتح محمد جو ٻه ڏينهن پراڻو لاش ھٿ، باٿ روم مان ڌپ اچڻ تي ماڻهن پوليس کي اطلاع ڪيو، پوليس پهچي ديوار ٽپي اندران دروازو کولي لاش ڪڍي جناح اسپتال منتقل ڪيو، پوليس موجب فوتي جي سڃاڻپ لانڍي واسي طيب عبدالڪريم پٽ فتح محمد طور ٿي آهي، فوتي جي موت جو ڪارڻ ابتدائي طور تي طبعي موت آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.