مخدوم جميل الزمان جي ننڍي ڀاءُ جي جنازي نماز ادا

مٽياري (ت ر)مرحوم مخدوم امين فهيم جي پٽ ۽ سروري جماعت جي روحاني پيشوا مخدوم جميل الزمان جي ننڍي ڀاءُ مخدوم  عقيل الزمان جي جنازي نماز درگاھ سرور نوح رح جي احاطي ۾ ادا ڪئي وئي، جنازي نماز ۾ پوري سنڌ مان سروري جماعت جي مريدن توڙي مختلف سياسي سماجي شخصيتن سوڌو ضلعي مٽياري جي اهم شخصيتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي سندس مڙهه کي درگاهھ سرور نوح رح ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو تدفين وقت مخدوم جميل الزمان، ايم پي اي مخدوم رفيق الزمان، صوبائي وزير روينيو اينڊ رليف مخدوم محبوب الزمان ،اڳوڻو ايم اين اي مخدوم سعيد الزمان سميت مخدوم فيملي جا ٻيا فرد موجود هئا جنازي نماز ۾ صوبائي وزير تعليم سعيد غني پيپلزپارٽي جي نمائندي طور شرڪت ڪئي هوڏانهن مرحوم جو تڏو مخدوم هائوس ھالا ۾ رکيو ويو آهي جتي سندس پونئيرن سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.