ملير ۾ 7 سالن جي نينگري سان مبينا زيادتي وارو معاملو

ملير (ڊ ر) شاھ لطيف جي علائقي سيڪٽر C/20  ۾ ستن ورهين جي معصوم نينگري سان 60 ورهين جي جوابدار پاران  مبينا زيادتي، نينگري جي پيءُ محمد اسماعيل نيازي موجب مان سامان لاءِ گهر کان نڪتس جنهن بعد منهنجي ستن ورهين جي معصوم نياڻي سنيا پٺيان نڪتي جنهن کي ڀرواري گهٽي ۾ رهائشي شيء وٺي ڏيڻ بهاني گهر وٺي ويو جتي هن نينگري سان زيادتي ڪئي، نينگري جي وارثن موجب ڪافي وقت بعد نينگري روئندي گهر آئي جنهن سڄي حقيقت اچي ٻڌائي ان بعد نينگري کي وٺي واردات واري گهر جي نشاندهي ڪئي، زيادتي جي شڪار نينگري جي پيءُ شاھ لطيف ٿاڻي پهچي نينگري سان زيادتي ڪندڙ60  ورهين جي جوابدار شھاب بيگ پٽ عنايت بيگ خلاف نينگري سان زيادتي جو ڪيس داخل ڪرايو جنهن بعد پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.