خيرپور لڳ ذهني مريض ناري سان زيادتي ڪندڙ جوابدار گرفتار

خيرپور( ڊ ر ) ايس ايس پي خيرپور امير سعود مگسي خيرپور لڳ جمالي ڳوٺ جي رهواسي 22 سالا ذهني مريض ناري صائمه  ڌيءَ نياز علي جمالي سان جنسي زيادتي ڪرڻ واري واقعي جو نوٽيس وٺندي  ناري سان زيادتي ڪرڻ جي  الزام هيٺ آيل جوابدار گل شير ڪلهوڙو کي گرفتار ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا جنهن  کان پوءِ اي سيڪشن پوليس ۽ وومين ٿاڻي جي پوليس گڏيل طور تي ٺيڙهي لڳ ڇاپو هڻي جوابدار گل شير ڪلهوڙي کي گرفتار ڪري مٿس اي سيڪشن ٿاڻي تي ڪيس پڻ داخل ڪري ورتو آهي هوڏانهن لقمان شهر جي رهواسي عورت ممسات راضل پڻ گذريل ڏينهن خيرپور جي ايس ايس پي جي هائوس تي وڃي کيس شڪايت ڪئي ته جوابدار حضوربخش ميراڻي سندس گهر ۾ گهري هٿيارن جي زور تي کيس جنسي حوس جو نشانو بڻايو آهي جنهن تي ايس ايس پي خيرپور وومين ٿاڻي جي پوليس کي حڪم ڪيو ته مسمات راضل سان جنسي ڏاڍائي ڪرڻ واري واقعي ۾ ملوث جوابدارحضور بخش ميراڻي کي گرفتار ڪيو وڃي جنهن تي وومين ٿاڻي جي پوليس بي سيڪشن پوليس کي ساڻ ڪري جوابدار حضوربخش ميراڻي جي گهر تي ڇاپو هڻي کيس گرفتار ڪري مٿس بي سيڪشن ٿاڻي تي واقعي جو ڪيس داخل ڪري ورتو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.