ڳاڙهو ۾ بدامني، هڪ ئي رات چوري جون 2 وارداتون

ڳاڙھو  (ن ع آ)  شهر ڳاڙھو ۾  بدامني وڌي وئي. هڪ ئي رات ۾ شهر جي مين چوڪ جي ٻن دڪانن تان لکين روپين جي چوري،  شهرين ۾ خوف و حراس ڇانيل، جڏهن ته متاثر واپارين شمل خان پٺاڻ ۽ آسپار مائيسري جو چوڻ آهي ته شهر ۾ ڇھ چوڪيدار مقرر ٿيل آهن، جن جي اسان ماهوار چوڪيداري به ڀريندا آهيون پر ان جي باوجود به اسان جا ڪاروبار محفوظ ناهن، هن کان اڳ به شهر مان چوريون ٿينديون رهيون آهن پر اهي انتظاميا واپس نه ڪرائي سگهي.   ٻي پاسي ايس ايڇ او ڳاڙهو مير محمد عباسي متاثرن دڪاندارن وٽ پهتو، دڪانن جو جائزو ورتو ۽ کين يقين ڌياني ڪرائيندي چيو ته چور ۽ منشيات فروش  بااثر ڇو نه هجن انهن کي ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.