لاڙڪاڻي ويجهو رولو ڪتن 3 ڄڻن کي ڏاڙهي وڌو

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر ۽ آسپاس وارن علائقن ۾ رولو ڪتن ٽن ڃڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو جن ۾ لاڙڪاڻي ڀرسان ڳوٺ  پير شير واسي 35 سالن جو غلام عمر پٽ لکمير جتوئي، رتوڪوٽ واسڻ 12 سالن جي نينگري شائسته ڌيءَ غلام الله اهير ۽ پير ڳوٺ واسي 12 سالن جو نينگر ياسين بروهي شامل آهن جن کي وارثن زخمي حالت ۾ کڻائي علاج لاءِ چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ قائم اينٽي ربيز سينٽر داخل ڪرايو جتي کين ضروري علاج ڏيڻ سان گڏ ڪتي چڪ جي ويڪسين لڳائي گهر روانو ڪيو ويو. ان حوالي سان سينٽر جي انچارج ڊاڪٽر وڪيش ٻڌايو ته لاڙڪاڻي شهر ۽ آسپاس وارن علائقن سان واسطو رکندڙ 3 ڄڻن کي ڇتي ڪتي چڪ هڻي زخمي ڪري ڇڏيو جن کي وارثن سينٽر داخل ڪرايو جتي کين ويڪسين ۽ ضروري علاج پڻ ڏئي ڪري ڊسچارج ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.