سکر ۾ مسجد جي ڇت ڪري پئي، 3 مزدور زخمي

سکر( رپورٽر) سکر ۾ مرمتي ڪم دوران مسجد جي ڇت ڪري پئي، 3 مزدور زخمي، اسپتال داخل، خبرموجب سکر جي سي سيڪشن  ٿاڻي جي حد جنات بلڊنگ واري علائقي ۾ واقع شاهي مسجد جي وضو خاني جي مرمت دوران ڇت اوچتو ڪري پئي، ڇت ڪرڻ جي نتيجي ۾ ڪم ڪندڙ مزدور واصف علي شيخ، مداح حسين ۽ امتياز علي زخمي ٿي پيا، اطلاع ملڻ تي ايڌي رضاڪارن پهچي زخمين کي ايمبولنس ذريعي کڻائي اچي سول اسپتال داخل ڪرايو، هوڏانهن واقعي بعد پوليس ۽ شهرين پهچي ڪري جمع ٿيل ملبو هٽائي ڇڏيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.