اوٻاوڙي لڳ ڪوچ کي باهه ڏيندڙ 5 جوابدار گرفتار

اوٻاوڙو (ن ع آ ) اوٻاوڙو مريدشاخ ويجهو کنڀڙاٿاڻي جي حد ۾ ڀتو نه ڏيئڻ تان ڏوھاري قسم جي ماڻھن ڇھ مهينا اڳ عثمان ميراڻي   جي گهر ٻاهران بيٺل ڪوچ کي باھ ساڙي ڇڏيو ھو اڄ ايس ايس پي عمر طفيل جي حڪم تي کنڀڙا پوليس جي ڪاروائي ڪندي ڪوچ کي باھ  ڏيندڙ 5 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو جن پوليس اڳيان ڏوھ جو اعتراف  پڻ ڪري ورتو آهي گرفتاري ٿيلن مٿان کنڀڙا ٿاڻي ايف آء آر داخل ڪئي وئي آهي گرفتار ٿي ويلن ۾ الله دادا ميراڻي  منظورميراڻي مددعلي ميراڻي  محمدنواز محمدشعبان ۽ حقنواز ميراڻي شامل آهن ٻئي پاسي ايس ايڇ او کنڀڙا  اطهرعلي چنه ميڊياسان ڳالهائيندي ٻڌايوته اسان ايس ايس پي صاحب جي حڪم ڪافي وقت کان انهن جوابدارن جي تلاش جاري رڱي هئي ڪجه گرفتار ڪيا آهن ۽ ڪجھ جوابدار فرار آهن فرار جوابدارن کي به جلد کان جلد گرفتار ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.