سوڀيديري پوليس حملي جو جوابدار ڇڏي ڏنو، متاثر جو احتجاج

سوڀيديرو ( ن ع آ  )سوڀوديرو شھر جي رھواسي امتياز علي سھتو دانھيندي ميڊيا وارن کي ٻڌايو ته ڏوھاري قسم جو سرفراز ولد  شھمير سھتو ڪجھه ڏينھن اڳ منھنجي ڀاءُ مظھر سھتو ۽ مون تي اسان جي گھر ۾ گھڙي حملو ڪيو ۽ زبردستي موٽرسائيڪل ڪاھڻ جي ڪوشش ڪئي ته پاڙي وارن جي مدد سان اسان سرفراز سھتو کي پڪڙي سوڀوديرو پوليس حوالي ڪيو، باقي سرفراز سھتو سان آيل ٽي نامعلوم ھٿياربند فرار ٿي ويا، سوڀوديرو پوليس سرفراز سھتو کي بااثر جي چوڻ تي ڇڏي ڏنو، ھن چيو ته اسان مزدور پورھيت آھيون، سرفرار ۽ سندس ڀيڻ سائرا جيڪا سکر ايئرپورٽ تي ڊيوٽي ڪندي آھي، انھن اسان جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي، سرفراز سھتو ھن وقت به مختلف فون نمبرن تان اسان کي موتمار ڌمڪيون ۽ سنگين نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏئي ٿو، ھنن  ايس ايس پي خيرپور ۽ ٻين واسطيدار اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف قدم کڻي تحفظ ۽ انصاف فراھم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.