پني عاقل ۾ جوابدار جو زال تي تشدد

پنوعاقل (ن ع آ) پنوعاقل شهر جي بائجي چوڪ وٽ مڙس پاران ٻئي شادي ڪرڻ تان جهيڙو، عورت رتورت، مڙس پوليس حوالي،  خبر موجب مسمات فوزيه زخمي حالت ۾ تعلقه اسپتال ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته منهنجو مڙس اشتياق احمد ڪلهوڙو گذريل هڪ سال کان تشدد ڪندي چوندو هيو ته مان ٻئي شادي ڪندس، انڪار ڪرڻ تي هن اڄ پنهنجي والد منهنجي سورهي امين ڪلهوڙي جي بش تي ڀائرن امير علي، جاويد، اشفاق، شهنشاھ سان گڏجي مونکي پسٽل جا بٽ هڻي گهٽا ڏئي زخمي ڪري ڪنن ۾ پيل سون ڇڪي مارڻ جي ڪوشش ڪئي ته دانهن تي پاڙي وارن منهنجي ڀائرن پهچي مونکي موت کان بچائي ورتو آهي، هن چيو ته مونکي تحفظ ڏنو وڃي، هوڏانهن ٿاڻي ۾ ويٺل اشتياق ڪلهوڙو جو چوڻ هو ته مان زال کي طلاق ڏئي ڇڏي آهي، اڄ مونکي بيڏوھ گهر ۾ زخمي ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.