لاڙڪاڻي لڳ زرعي دوا ڏيندي 7 ڄڻا بيهوش

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ضلعي جي مختلف ڳوٺن ۾ زرعي زمين ۾ زهريلي دوا ڇٽيندي 7 ڄڻا بيهوش ٿي پيا جن کي وارثن  اسپتال داخل ڪرايو جتي کين طبي امداد ڏني وئي. ان سلسلي ۾ ڪالهه باقراڻي تعلقي جي ڳوٺ وڏو واهڻ ۾ زرعي زمين ۾ زهريلي دوا ڇٽڻ دوران 35 سالن جو ڪرامت علي ڪلهوڙو، محمد حنيف ڪلهوڙو، ڌامراهه ڀرسان ڳوٺ دائي جي وانڍ ۾ شهزادو ۽ سندس نوجوان پٽ سجاد علي شيخ، باقراڻي تعلقي جي ڳوٺ زردار گل محمد بروهي ۾ اسلم بروهي، غلام فريد بروهي ۽ بلاول بروهي بيهوش ٿي پيا جن کي سندن وارثن ڌار ڌار موٽرسائيڪلن، چنگچي رڪشا ۽ ٻين گاڏين ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ داخل ڪرايو جتي ڊاڪٽرن پاران بيهوش ٿيل ماڻهن جي جسم مان زهر ڪڍي ورتو جنهن کان بعد سندن جي حالت بهتر ٻڌائي پئي وڃي. ان حوالي سان بيهوش ٿيل ماڻهن جي وارثن ٻڌايو ته اسان جا وارث پنهنجي زرعي زمين ۾ زهريلي دوا ڇٽي رهيا هئا جتي اوچتي بيهوش ٿي پيا جن کي اسپتال داخل ڪرايو آهي. هوڏانهن آخري اطلاعن تائين بيهوش ٿيل ماڻهن جو علاج پڻ هلندڙ هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.