ملڪ ۾ فرقي جي بنياد تي ڏڦيڙ ٿيڻ نه ڏبو: ناصر سومرو

لاڙڪاڻو(ڊ ر) جمعيت علماءِ اسلام ضلعي لاڙڪاڻي جي مجلس عمومي جنرل ڪائونسل جو اجلاس گلشن شهيد اسلام  جامعه اسلاميه ۾ علامه ناصر خالد محمود سومرو جي صدارت ۾ ٿي گذريو جنهن ۾ ضلعي جنرل سيڪريٽري محبت علي کهڙو، مولانا عبدالجبار حيدري، مولانا مسعود احمد سومرو ۽ ضلعي شڪارپور جي اڳواڻ مفتي غلام قادر بروهي خصوصي شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ختم نبوت، دفاع صحابه رضه، عظمت صحابه رضه، شهيد اسلام ڪانفرنس، بلدياتي اليڪشن قوميت ۽ لسانيت جي حوالي سان سنڌ خلاف ٿيندڙ سازشن تي اهم مشاورت ڪئي وئي. اجلاس ۾ اهم فيصلا ڪيا ويا، جنهن ۾ پهرين آڪٽوبر خميس تي لاڙڪاڻي ۾ اسپتالن جي خراب صورتحال تي احتجاجي ريلي ڪڍڻ ۽ 29 نومبر تي لاڙڪاڻي ۾ شهيد اسلام ڪانفرنس ڪوٺائڻ تي صوبائي قيادت جو شڪريو ادا ڪندي چيو ويو ته ڪانفرنس جي تيارين جو باقائده آغاز جلد ڪيو ويندو. ان موقعي تي مولانا ناصر خالد محمود سومرو ڳالهائيندي چيو ته صحابه ڪرام رضه جي توهين ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪنداسين، عظمت صحابه ڪرام رضه جي معاملي تي اسان سڀ هڪ آهيون، ملڪ ۾ مذهب ۽ مسلڪ جي نالي تي انتشار رياست جي ضرورت آهي، فرقيواريت جي بنياد تي ملڪ ٽوڙڻ ۽  قتل عام جون سازشون ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين،  ملڪ اندر توهين اصحاب رسول، اهلبيت ۽ مقدس مذهبي هستين جي شان ۾ گستاخي برداشت نه ڪنداسين، هن چيو ته اسان توهين مذهب جي آڙ ۾ قتل عام خلاف آهيون، پر جڏهن رياست توهين مذهب ڪندڙن خلاف ڪاروائي نه ڪندي ته پيغمبر اسلام ۽ صحابه ڪرام رضه جا جيالا قانون هٿ ۾ کڻڻ تي مجبور ٿيندا، ملڪ ۾ امن امان قائم ڪرڻ رياست جي ذميواري آهي. هن وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ هڪ دفعو ٻيهر مذهب جي نالي تي عوام کي ويڙهايو پيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.