هزار خان قلم ذريعي مظلومن جو آواز ايوانن تائين پهچايو: مقرر

ڊکڻ (ن ع آ) پريس ڪلب ڊکڻ جي باني،سنڌي ٻولي جي خوبصورت شاعر،باشعور ليکڪ،سينيئر صحافي هزار خان چانڊيو جي ٽين ورسي سنڌي ادبي سنگت شاخ ڊکڻ ۽ پريس ڪلب ڊکڻ طرفان گورنمينٽ هاير سيڪنڊري اسڪول ڊکڻ ۾  ملهائي وئي،تقريب جي صدارت قملڪار صفدر سنڌي ڪئي،جڏهن ته مک مهمان  ٺل جي صحافي عرض محمد بنگلاڻي،اعزازي مهمان  مديجي جي صحافي آغا عبدالنبي،صحافي گل بهار شيخ، ٺل جي صحافي مجيد نوناري، اديب شاهين سنڌي،شاعر سميع ساجد جوڻيجو،صحافي سلطان احمد رند شڪارپور جي صحافي  عبدالسلام انڙ، نئون ديرو جي صحافي عبدالقادر اوڍو هئا،صدارتي خطاب ڪندي  صحافي صفدر سنڌي چيو ته هزار خان چانڊيو تاريخ ۾ هميشه زنده رهندو،هو هڪ بيباڪ ۽ بهادر صحافي سان گڏوگڏ باشعور ليکڪ هو،سماج سڌارڪ مرڻ کانپوءِ به زنده رهن ٿا،هن تڏهن صحافت ڪئي جڏهن ڪا به سهولت نه هوندي هئي، هزار خان هڪ خوبصورت شاعر پڻ هو،هن ماڻهن جي اوڻاين تي گهڻو ڪم ڪيو،هزار خان چانڊيو پٺتي پيل علائقي ۾ صحافت ڪئي،هن پنهنجي قلم جي ذريعي مظلومن ۽ مسڪينن جو آواز اعلي ايوانن تائين پهچايو، عرض بنگلاڻي  چيو ته هزار خان چانڊيو قلم ۽ وطن سان ڪميٽيڊ رهيو، ان  موقعي تي  آغا عبدالنبي،  عبدالسلام انڙ،  سلطان رند،  گل بهار شيخ ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.