حيدرآباد ۾ 4 ڏينهن اڳ پاڻ ساڙيندڙ عورت ڪراچي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو

حيدرآباد (رپورٽر) حيدرآباد جي تلڪ چاڙھي واري علائقي ۾ 4 ڏينھن اڳ گھر ۾ مڙس سان مبينا جھيڙي دوران ڪاوڙ ۾ اچي پاڻ مٿان تيل ھاري باھ ڏئي خودڪشي ڪندڙ ٻن ٻارن جي ماءُ 35 سالن جي عائشه  ڪراچي جي اسپتال ۾ فوت ٿي وئي. عائشه 90 سيڪڙو سڙي وئي ھئي، جنھن سبب کيس حيدرآباد سول اسپتال کان ڪراچي اسپتال منتقل ڪيو ويو ھو جتي فوت ٿي وئي، سندس وارثن جو چوڻ آھي ته مڙس سان جھيڙي سبب عائشه ڪاوڙ ۾اچي خودڪشي ڪئي.

ٽنڊي آدم لڳ نوجوان طرفان آپگهات ڪوشش، اسپتال داخل

ٽنڊوآدم ( ت ر ) ٽنڊوآدم لڳ حيدرآباد روڊ تي واقع جوس  فيڪٽري ڀرسان 35 ورهين جي محمد افضل گهرو پريشانين سبب زهر پي آپگهات جي ڪوشش ڪئي جنهن کي تعلقا اسپتال داخل ڪيو ويو آهي.

ڀرياسٽي ۾ ف ليگ اڳواڻ جو ڀاءُ ڪجهه عرصو بيمار رهڻ بعد گذاري ويو

ڀرياسٽي (ن ع آ) ڀرياروڊ فنڪشنل ليگ اڳواڻ ۽ درگاهه جي سجادا نشين جو ڀاء ڪراچي لاڏاڻو ڪري ويو. سيد حاجن شاهه جي جنازي نماز اڄ ڀرياروڊ شھر لڳ ڳوٺ ڍينگو شريف ۾ ادا ڪئي  وئي.  جنهن ۾ وڏي انگ  ۾ سياسي سماجي ۔صحافين عقيدتمندن مريدن ۽ علائقي واسين شرڪت ڪئي. تفصيل موجب  موجب درگاهه سيد حسن علي شاهه جي گادي نشين ۽ پاڪستان مسلم فنڪشنل ليگ اڳواڻ ۽ ڀيڄ پاڳارا ونگ ڪميٽي سکر ڊويزن جي صدر پير سيد علي اڪبر شاهه راشدي،  پير سيد حسن علي شاهه راشدي ، اصغر شاهه راشدي  ۽ سيد محمد زمان شاهه راشدي جو ڀاء پير سيد ارشاد علي شاهه راشدي عرف حاجن شاهه ڪجهه وقت علالت بعد ڪراچي جي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. جنهن جي جنازي نماز ڳوٺ ڍينگو شريف ڀرياروڊ روڊ لڳ ادا ڪئي وئي.  جنهن ۾ ھزارن جي تعداد ۾ مريدن عقيدتمندن سياسي سماجي اڳواڻن ۔صحافين ۽ علائقي واسين شرڪت ڪئي..

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.